روزگار خاطر گڏيل عرب امارات ويندڙ پاڪستانين لاءِ اهم خبر

روزگار لاءِ گڏيل عرب امارات ويندڙ پاڪستانين لاءِ نوان ويزا شرط لاڳو ڪيا ويا آهن.
يو اي اي جي بيورو آف اميگريشن موجب امارات ۾ نوڪري جي ويزا وٺندڙن کي ڪريڪٽر سرٽيفڪيٽ گهربل هوندو.
پاڪستان اوورسيز ايمپلائمينٽ ايسوسيئيشن موجب پاڪستانين کي پوليس جو ڪريڪٽر سرٽيفڪيٽ لازمي ڏيکارڻو پوندو.
پاڪستان اوورسيز ايمپلائمينٽ ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته شڪايتن جي ازالي لاءِ اماراتي حڪومت جو قدم سٺو سنئوڻ آهي.
اطلاعن موجب گڏيل عرب امارتن طرفان مختلف شڪايتن تي پاڪستان جي 30 شهرن مان وزٽ ويزا تي پابندي لڳائي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.