وزيراعظم جي پ پ جا خدشا ختم ڪرڻ جي هدايت

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي اسپيڪرن کي پ پ جا خدشا ختم ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
ذريعن موجب وزيراعظم جي صدارت هيٺ ماڊل ٽائون ۾ مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق ۽ پنجاب اسيمبلي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان شرڪت ڪئي.
ملاقات ۾ موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي احتجاج تي به غور ڪيو ويو.
وزيراعظم ٻنهي کي پ پ جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
واضح رهي ته شهباز شريف پ پ سان معاملا طئي ڪرڻ لاءِ ڪميٽي به جوڙي ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.