ڪُرم سڙي رهيو آهي پر خيبر پختونخواهه حڪومت گم آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪرم ۾ امن امان جي خراب صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته خيبر پختونخواهه جو ضلعو ڪرم سڙي رهيو آهي، 3 ڏينهن ۾ 80 ماڻهو قتل ٿي ويا پر صوبائي حڪومت گم آهي.
پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته امن امان قائم ڪرڻ صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي، تحريڪ انصاف شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي.
هن چيو ته ڪرم ضلعي ۾ پي ٽي آءِ حڪومت جي مجرماڻي غفلت جي مذمت ڪيون ٿا، ڪي پي ۾ امن امان يقيني بڻائڻ لاءِ پ پ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.