پي ٽي آءِ جي احتجاج ۾ دهشتگردي جو خطرو، الرٽ جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي (نيڪٽا) پي ٽي آءِ جي 24 نومبر جي احتجاج ۾ امڪاني دهشتگرد ڪارروائين جو ٿريٽ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو.
نيڪٽا جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي 24 نومبر جي احتجاج ۾ دهشتگردي ٿي سگهي ٿي، دهشتگرد وڏن شهرن ۾ دهشتگردي ڪري سگهن ٿا، دهشتگردن جي افغانستان مان پاڪستان داخلا جا اطلاع آهن.
نيڪٽا خطري کي ڏسندي قدم کڻڻ لاءِ چيف ڪمشنر اسلام آباد، آءِ جيز، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون جي چيف سيڪريٽرين کي به خط لکي ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.