نيروبي (ويب ڊيسڪ ) آمريڪا ۾ مبينا رشوت ڏيڻ ۽ فراڊ جي الزام تي فرد جرم لاڳو ٿيڻ بعد ڀارتي سرمائيدار گوتم اڏاڻي کي ڪينيائي حڪومت به وڏو جهٽڪو ڏئي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ڪينيا جي صدر وليم روٽو گوتم اڏاڻيءَ جي گروپ سان ٻه وڏا معاهدا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پنهنجي بيان ۾ وليم روٽو چيو ته سندس حڪومت جاچ ايجنسين ۽ ڀائيوار ملڪن طرفان فراهم ڪيل معلومات جي بنياد تي معاهدا ختم ڪري رهي آهي.
واضح رهي ته ان کان هڪ ڏينهن اڳ ڀارتي سرمائيدار گوتم اڏاڻي ۽ سندس ڀائيٽي مٿان نيويارڪ جي عدالت فراڊ جي ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو هو.
گوتم اڏاڻي تي حڪومت سان معاهدي لاءِ سرڪاري اهلڪارن کي رشوت ڏيڻ جو الزام هو.
آمريڪي پراسيڪيوٽر موجب، گوتم اڏاڻي ۽ سندس ڀائيٽي تي سولر پلانٽ پروجيڪٽ ۾ 26 ڪروڙ ڊالر جي فراڊ جي ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو هو.
Next Post
You might also like