لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني فاسٽ بالر محمد عباس فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ اڳوڻي ڪپتان عمران خان جو برابر ڪري ڇڏيو.
محمد عباس فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ 13 هون ڀيرو 10 وڪيٽون حاصل ڪري قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ فاسٽ بالر عمران خان جو رڪارڊ برابر ڪري ورتو.
محمد عباس اِهو اعزاز قائدِ اعظم ٽرافي جي پنجين رائونڊ ۾ لاهور بليوز جي نمائندگي ڪندي فاٽا ريجن خلاف حاصل ڪيو.
فاسٽ بالر پهرين اننگز ۾ ڇهن بيٽرز کي پويلين جو رستو ڏيکاريو، محمد عباس ٻي اننگز پڻ شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي 35 رنسن عيوض چار وڪيٽون ورتيون.
فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ 13 هون ڀيرو ڏهه وڪيٽون حاصل ڪرڻ تي محمد عباس، وسيم اڪرم، وقار يونس ۽ عمران خان جهڙن ليجنڊري فاسٽ بالرز جي لسٽ ۾ شامل ٿي ويو آهي.
محمد عباس ان فهرسٽ ۾ عمران خان سان گڏ ٽئين نمبر تي اچي ويو آهي جڏهن ته وقار يونس 14 ڀيرا ۽ وسيم اڪرم 16 ڀيرا 10 وڪيٽون وٺي ترتيبوار ٻئي ۽ پهرئين نمبر تي موجود آهن.
ان کانسواءِ محمد عباس هلندڙ قائدِ اعظم ٽرافي جو ٻيو ڪامياب ترين بالر آهي، هو هنيئر تائين 31 وڪيٽون وٺي چڪو آهي.
You might also like