جئپور (ويب ڊيسڪ ) ڀارت ۾ ڊاڪٽرن طرفان مئل قرار ڏنل همراهه پنهنجي آخري رسمن کان اڳ اوچتو جيئرو ٿي ويو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ڀارتي رياست راجسٿان سان واسطو رکندڙ 25 ورهين جو گونگو ٻوڙو نوجوان روهتاش هڪ يتيم خاني ۾ زندگي گهاري رهيو.
ميڊيا رپورٽس موجب، روهتاش جي طبعيت بگڙجڻ سبب کيس علاج لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن کيس مئل قرار ڏئي ڇڏيو.
ميڊيا رپورٽس موجب روهتاش جو مڙهه مرده خاني ۾رکيو ويو، بعد ۾ رسمي ڪارروائي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ کيس ايمبولينس ذريعي شمشان گهاٽ آندو ويو.
ميڊيا رپورٽ موجب، جڏهن ته روهتاش جي مڙهه کي هندو رسمن تحت ساڙڻ جون تياريون ٿي رهيون هون ته روهتاش اوچتو ساهه کڻڻ لڳو ۽ سندس جسم چرپر ڪرڻ لڳو جنهن کي ڏسي ماڻهو ڊڄي ويا.
روهتاش کي فوري طور اسپتال نيو ويو جتي آءِ سي يو ۾ ڪجهه وقت گذارڻ کانپوءِ سندس طبعيت ۾ بهتري اچي ويئي ۽ ڊاڪٽرن طرفان روهتاش کي خطري کان ٻاهر قرار ڏنو.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ضلعي انتظاميا واقعي جو اطلاع ملندي ئي ڪارروائي ڪندي چئن ڊاڪٽرن کي نوڪري تان برطرف ڪندي معاملي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.
You might also like