لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت صوبي ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
پنجاب حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، صوبي ۾ هر قسم جي احتجاج، جلسي، جلوس، ريلين، ڌرڻن ۽ اهڙي قسم جي ٻين سرگرمين تي بندش هوندي.
نوٽيفڪيشن موجب، پابندي ڇنڇر 23 نومبر کان سومر 25 نومبر تائين لاڳو هوندي.
نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته قلم 144 لاڳو ڪرڻ جو فيصلو صوبي ۾ امن امان جي صورتحال برقرر رکڻ، انسانين جانين ۽ ملڪيتن جي تحفظ لاءِ ڪيو ويو آهي، سيڪيورٽي خطرا آهن، ڪو به عوامي جلوس دهشتگردن لاءِ سافٽ ٽارگيٽ ٿي سگهي ٿو.
نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته شرپسند عوامي ميڙاڪي جي آڙ ۾ رياست مخالف سرگرمين ذريعي ناپاڪ مقصد حاصل ڪري سگهن ٿا.
You might also like