بشريٰ بي بي جو سعودي قيادت بابت بيان، اڳوڻي آرمي چيف خاموشي ٽوڙي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوا، عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جي الزام کي ڪوڙ ۽ بي بيناد قرار ڏئي ڇڏيو.
گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ باني عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي دعويٰ ڪئي هئي ته عمران خان جڏهن مديني پيرين اُگهاڙي ويو ۽ واپس آيو ته جنرل باجوا کي فونون اچڻ شروع لڳيون ته اوهان ڪنهن کي وٺي آيا آهيو، اسان کي اهڙا ماڻهو نه کپن.
بشريٰ بي بي جو چوڻ هو ته باجوا کي چيو ويو ته اسان ملڪ ۾ شريعت ختم ڪرڻ لڳا آهيون ۽ اوهان اهڙا ماڻهو وٺي آيا آهيو، چيو ويو ته اسان کي اهڙا ماڻهو نه گهرجن.
بشريٰ بي بي جي بيان تي ردعمل ڏيندي اڳوڻي آرمي چيف جنرل(ر) قمر جاويد باجوا چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي سعودي عرب کان واپسي تي ڪنهن جي به فون ڪال نه آئي، بشريٰ بي بي ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.