راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف باني عمران خان دعويٰ ڪئي آهي ته علي امين گنڊاپور ۽ بيرسٽر گوهر ذريعي آڇ ٿي ته احتجاج ملتوي ڪيو سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.
اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته مان پنهنجي ۽ ٻين ماڻهن جي آزادي جو مطالبو ڪيو هو پر ائين نه ٿيو، ڳالهيون هلنديون رهنديون آهن پر خبر پئي ته اهي سنجيده ناهن، انهن رڳو احتجاج ملتوي ڪرائڻ چاهيو.
هن چيو ته هاءِ ڪورٽ ڪالهه ضمانت منظور ڪئي، حڪومت وٽ سٺو موقعو هو ته مون کي آزاد ڪري ڇڏي ها، جيل ۾ هوندي مون تي ڪيسن مٿان ڪيس ٺاهيا پيا وڃن، ان کي بنانا ريپبلڪ چوندا آهن.
سندس چوڻ هو ته وڪيلن، ججن، مزدورن، سول سوسائٽي سڀني کي پيغام ڏئي رهيو آهيان ته 24 نومبر تي نڪرو.
You might also like