جنگي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو روس جو يوڪرين تي بين البراعظمي بيلسٽڪ ميزائل سان حملو

تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن ملڪ طرفان ٻئي ملڪ خلاف بين البراعظمي ميزائل استعمال ڪرڻ جي دعويٰ سامهون آئي آهي.
يوڪريني فوج دعويٰ ڪئي آهي ته روس گذريل رات يوڪرين تي ڪيل وڏي ميزائل حملي ۾ بين البراعظمي بيلسٽڪ ميزائل استعمال ڪيو آهي.
يوڪريني صدر ولاديمير زيلنسڪي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو ته اڄ روس هڪ نئين ميزائل جو استعمال ڪيو آهي ۽ ان جون سموريون خاصيتون ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪن ٿيون ته اهو بين البراعظمي بيلسٽڪ ميزائل هو.
اهڙي دعويٰ گذريل ٻن ڏينهن دوران يوڪرين طرفان آمريڪي ۽ برطانوي ميزائلن ذريعي روسي علائقن ۾ حملن کانپوءِ سامهون آئي آهي پر روس اڃا تائين ان ميزائل جي استعمال جي تصديق ناهي ڪئي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اهو ثابت ٿي وڃي ٿو ته روس يوڪرين تي حملي ۾ بين البراعظمي ميزائل استعمال ڪيو ته جنگي تاريخ ۾ اهو ڪنهن به بين البراعظمي ميزائل جو پهريون استعمال هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.