اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي 24 نومبر جي احتجاج خلاف درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو اچي ويو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چوڻ آهي ته امن قائم رکڻ لاءِ اسلام آباد انتظاميا قانون موجب سمورا قدم کڻي، انتظاميا جي ذميواري آهي ته قانون جي ڀڃڪڙي نه ٿيڻ ڏني وڃي.
عدالت چيو يقيني بڻايو وڃي ته شهرين جي ڪاروباري زندگي ۾ ڪو خلل نه پئي، پرامن احتجاج ۽ پبلڪ آرڊر 2024 ڌرڻي، احتجاج، ريلي وغيرا جي اجازت لاءِ قانون آهي، اسلام آباد انتظاميا قانون خلاف ڌرڻي، ريلي يا احتجاج جي اجازت نه ڏئي.
واضح رهي ته واپاري اڳواڻن طرفان پي ٽي آءِ جي احتجاج خلاف درخواست ڏني وئي هئي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق جي عدالت ۾ فوري طور ٻڌڻي ڪئي وئي.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي به اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو هو.
You might also like