ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه وفاق کان سي سي آءِ اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
وڏي وزير جي ترجمان موجب آئين جي آرٽيڪل (3) 154 تحت هر 90 ڏينهن اندر اجلاس گهرائڻ ضروري آهي.
هن چيو ته حڪومت کي آئي 9 مهينا مڪمل ٿيڻ وارا آهن پر اڃا تائين سي سي آءِ جو ڪو اجلاس ناهي گهرايو ويو، آئين تحت هيل تائين 3 اجلاس ٿيڻ گهرجن ها.
وڏي وزير جي ترجمان وفاقي حڪومت کان اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته اجلاس گهرائي آئيني ذميواري پوري ڪئي وڃي.
You might also like