ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ پنجاب جي سڌ سماءُ واري وزير عظميٰ بخاري جي بيان تي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.
هڪ بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته پاڻي جي انتظام واري معاملي تي سنڌ جا خدش بي بنياد نه آهن، پاڻيءَ تي سڀني جو گڏيل حق آهي، اتفاق راءِ بنا ڪو به منصوبو شروع ڪرڻ مناسب ناهي.
هن چيو ته 1991ع وارو معاهدو سمورن صوبن ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ کي لازمي قرار ڏئي ٿو، عظميٰ بخاري پهريان زميني حقيقتن بابت ڄاڻڻ گهرجي پوءِ بيان ڏئي.
شرجيل ميمڻ چيو ته اسان چاهيون ٿا ته پوري پاڪستان ۾ خوشحالي هجي ۽ زراعت جو شعبو ترقي ڪري، ننڍن آبادگارن کي وڌ کان وڌ سهولتون ۽ مدد جي ضرورت آهي.
پاڻيءَ تي سڀني جو حق آهي، اتفاق راءِ بنا ڪو منصوبو شروع ڪرڻ مناسب ناهي: شرجيل ميمڻ
You might also like