اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي نااهلي بابت درخواست خارج ڪري ڇڏي.
جسٽس امين الدين جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي ست رڪني آئيني بينچ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي نااهلي بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.
سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ وڏي وزير مراد علي شاهه کي نااهل قرار ڏيڻ بابت درخواست عدم پيروي جي بنياد تي خارج ڪري ڇڏي.
درخواست گذار محمود اختر نقوي، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه خلاف درخواست داخل ڪئي هئي.
You might also like