خيبر پختونخواهه مان پوليو جو نئون ڪيس رپورٽ، ملڪ ۾ انگ 50 ٿي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه ۾ پوليو جو نئون ڪيس سامهون اچي ويو، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ هلندڙ سال پوليو ڪيسن جو انگ 50 ٿي ويو.
اختيارين موجب ٽانڪ ضلعي ۾ 20 مهينن ٻارڙي کي پوليو ٿيو آهي، اهو هلندڙ سال ٽانڪ مان رپورٽ ٿيندڙ ٻيو پوليو جو ڪيس آهي.
واضح رهي ته هلندڙ سال بلوچستان مان 24، سنڌ مان 13، خيبر پختونخواهه مان 11، پنجاب ۽ اسلام آباد مان هڪ – هڪ پوليو ڪيس رپورٽ ٿيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.