ڀارت جي واٽس ايپ خلاف وڏي ڪارروائي، ست ارب رپين کان وڌيڪ ڏنڊ لاڳو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت واٽس ايپ تي 2 ڪروڙ 54 لک ڊالرز (ست ارب پاڪستاني رپين کان وڌيڪ ) جو ڏنڊ لاڳو ڪيو آهي جڏهن ته ڪمپني کي واهپيدارن جي ڊيٽا شيئر ڪرڻ کان روڪڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ڀارتي مسابقتي ڪميشن ( سي سي آءِ ) پنهنجي حڪم ۾ واٽس ايپ کي واهپيدارن جي ڊيٽا اشتهارن لاءِ ميٽا جي ٻين ايپس سان شيئر ڪرڻ کان روڪيو آهي.
سي سي آءِ طرفان واٽس ايپ کي ڊيٽا شيئرنگ پنج سالن تائين روڪڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
ڀارتي مسابقتي ڪميشن طرفان واٽس ايپ خلاف جاچ جي شروعات مارچ 2021ع ۾ واٽس ايپ جي پرائيويسي پاليسي متعارف ڪرائڻ کانپوءِ ٿي هئي.
ان پرائيويسي پاليسي ۾ واٽس ايپ طرفان ميٽا جي ٻين ايپس سان ڊيٽا شيئرنگ کي لازمي قرار ڏنو ويو هو.
سي سي آءِ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ميٽا تي 2021ع جي پرائيويسي اپ ڊيٽ ۾ پنهنجي بالادست پوزيشن جي ناجائز استعمال تي ٻه ڪروڙ 54 لک ڊالرز ڏنڊ لاڳو ڪيو پيو وڃي.
بيان موجب، پاليسي اپ ڊيٽ مسابقتي قانونن جي ڀڃڪڙي تي ٻڌل آهي.
ڀارتي اداري واٽس ايپ کي حڪم ڏنو ته هو ٻين ميٽا ايپس سان پنهنجي واهپيدارن جي ڊيٽا شيئر نه ڪري جڏهن ته واهپيدارن کي اهڙو آپشن ڏنو وڃي جنهن سان هو پاليسي کي قبول ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري سگهن.
ٻئي پاسي ميٽا ڀارتي مسابقتي ڪميشن جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ميٽا جي ترجمان موجب، 2021ع واري پاليسي ۾ واهپيدارن جي ذاتي پيغامن جي پرائيويسي جي حوالي سان ڪجهه تبديل نه ڪيو ويو.
واضح رهي ته ڀارت واٽس ايپ جي سڀ کان وڏي مارڪيٽ آهي جتي ان جي واهپيدارن جو انگ 50 ڪروڙ کان وڌيڪ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.