اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ نجي هائوسنگ سوسائٽي بحريا ٽائون کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جي درخواست خارج ڪري ڇڏي.
سپريم ڪورٽ جي جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بينچ اڄ به مختلف ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي.
آئيني بينچ نجي هائوسنگ سوسائٽي بحريا ٽائون کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جي درخواست تي به ٻڌڻي ڪئي، درخواستگذار محمود اختر نقوي پيش نه ٿيو.
عدالت درخواستگذار جي عدم پيشي ۽ ڪيس جي عدم پيروي تي درخواست خارج ڪري ڇڏي.
You might also like