جيڪڏهن اوهان به اي ميل سروس جهڙوڪ جي ميل استعمال ڪري رهيا آهيو ته اِها خبر هوندي ته اسپام اي ميلز هڪ انتهائي سنگين مسئلو آهي، جنهن جي روڪٿام لاءِ اڪثر واهپيدارن عارضي اي ميل ايڊريسز جو استعمال ڪندا آهن.
اهڙي قسم جون ڪيئي ايپس موجود آهن جيڪي عارضي اي ميل ايڊريس جي سهولت فراهم ڪنديون آهن.
عارضي اي ميل ايڊريس ذريعي واهپيدارن کي شڪي ۽ مارڪيٽنگ اي ميلز کان تحفظ ملندو آهي جڏهن ته اهم اي ميلز تائين پهچ حاصل رهندي آهي.
پر هاڻي واهپيدارن کي ان مقصد لاءِ ٿرڊ پارٽي ايپس جي ضرورت نه پوندي ڇو ته گوگل طرفان عارضي اي ميل ايڊريس جي سهولت متعارف ڪرائي پئي وڃي.
واضح رهي ته گوگل طرفان ويجهڙائي وارن سالن دوران جي ميل ۾ اسپام اي ميلز کان تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ ڪيترائي فيچرز متعارف ڪرايا ويا آهن، پر اوهان جو اي ميل ايڊريس پوءِ به اسپام ميلز جي نشاني تي رهندو آهي.
هاڻي گوگل طرفان ان مسئلي کي نظر ۾ رکندي جي ميل ايپ جي اندر ئي عارضي اي ميل جي سهولت فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
اينڊرائيڊ اٿارٽي جي هڪ رپورٽ موجب، ان فيچر جو اشارو گوگل پلي اسٽور سروسز ۾ موجود ڪوڊ ذريعي مليو آهي جنهني شيلڊڊ اي ميل جو نالو ڏنو ويو آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جن ايپس يا سروسز طرفان اوهان جي اي ميل ايڊريس کي طلب ڪيو ويندو آهي، ان کي نظر ۾ رکندي اِهو فيچر ڊيزائن ڪيو ويو آهي.
يعني واهپيدارن کي ڪنهن ايپ ۾ سائن اپ لاءِ پنهنجو اي ميل ايڊريس شامل ڪندي اِها ڳڻتي نه ٿيندي ته اسپام اي ميلز کي منهن ڏيڻو پوندو.
شيلڊڊ اي ميل ذريعي واهپيدار اهڙا عارضي اي ميلز ايڊريس تيار ڪري سگهندا جن کي هڪ ڀيرو يا محدود عرصي تائين استعمال ڪري سگهجي ٿو.
رپورٽ موجب، هن فيچر سان اوهان ڏهه منٽن جو عارضي اي ميل ايڊريس به تيار ڪري سگهندئو يا محدود عرصي لاءِ هڪ اي ميل ايڊريس تيار ڪري سگهندئو.
في الحال فيچر تي ڪم جاري آهي تنهنڪري اِهو چوڻ ڏکيو آهي ته اِهو ڪيستائين سمورن واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرائي سگهجي ٿو.
You might also like