گروپ نوٽيفڪيشنز مان تنگ واهپيدارن لاءِ اهم فيچر متعارف

سڄي دنيا ۾ 2 ارب کان وڌيڪ ماڻهو واٽس ايپ جو استعمال ڪري رهيا آهن، ميٽا جي ملڪيٽ ايپ کي استعمال ڪندڙ گهڻي قدر واهپيدار مختلف گروپس جو حصو هوندا آهن، جنهن سبب سندن اسڪرين تي مسلسل نوٽيفڪيشنز اچڻ جو سلسلو جاري رهندو آهي، جيڪو ڪيئي ڀيرا پريشاني جو سبب بڻجندو آهي.
پر واٽس ايپ ۾ ويجهڙائي وارن سالن دوران اهڙا فيچرز متعارف ڪرايا ويا آهن جن جي مدد سان مخصوص چيٽس گروپس جا نوٽيفڪيشنز ميوٽ ڪري سگهجن ٿا.
پر ان نتيجي ۾ اهم پيغامن وارن نوٽيفڪيشنز تائين پهچ ۾ ڏکيائي پيش ايندي آهي، هاڻي واٽس ايپ ۾ هڪ اهڙو فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي جنهن جي مدد سان گروپ چيٽس جي نوٽيفڪيشنز ميوٽ ڪرڻ واري فيچر کي وڌيڪ بهتر بڻايو پيو وڃي.
ويب بيٽا جي رپورٽ موجب، اينڊرائيڊ ڊيوائسز لاءِ واٽس ايپ جي نئين بيٽا ورزن ۾ ميوٽ گروپ چيٽس جي حوالي هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي.
فيچر واهپيدارن کي موصول ٿيندڙ نوٽيفڪيشنز جي قسم جي نشاندهي ڪرڻ ۾ مدد مددگار ثابت ٿيندو.
رپورٽ موجب، نئين فيچر جي مدد سان واهپيدارن جي اسڪرين تي اُهي نوٽيفڪيشنز ظاهر ٿيندا جن ۾ کين مينشن ڪيو ويندو يا مخصوص پيغامن تي ريپلاءِ ڪيو ويو هوندو يا اهڙن قسم جي ٻين لاڳاپيل پيغامن بابت کين آگاهه ڪيو ويندو.
فيچر ذريعي واهپيدارن کي سمورن غير ضروري نوٽيفڪيشنز مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي ۽ رڳو لاڳاپيل نوٽيفڪيشنز تي ڌيان ڏئي سگهندا.
نئين فيچر سان واهپيدارن جي ذهن ۾ اِهو مونجهارو پيدا ٿي سگهي ٿو ته جيڪڏهن ڪنهن گروپ چيٽ کي ميوٽ ڪيو ويو آهي ته پوءِ مخصوص نوٽيفڪيشنز ڪيئن اچي رهيا آهن.
ان ڏس ۾ وضاحت ڪندي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نئون فيچر ٻن طريقن سان ڪم ڪندو، هڪ طريقي ۾ سمورن گروپس پيغامن بابت آگاهه ڪيو ويندو جڏهن ته ٻئي طريقي ۾ مخصوص پيغامن وارا نوٽيفڪيشنز موصول ٿيندا جيڪي اوهان لاءِ اهم هوندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.