”احتجاج تي ماڻهو آزاد ٿيڻ لڳا ته جيلون خالي ٿي وينديون“

سکر (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي جيڪڏهن احتجاج تي ماڻهو آزاد ٿيڻ لڳا ته جيلون خالي ٿي وينديون.
احتساب عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته احتجاج ڪرڻ هر جماعت جو جمهوري حق آهي پر آئين ۽ قانون جي حدن ۾ رهي احتجاج ڪرڻ گهرجي.
هن چيو احتجاج تخريبڪاري ۾ تبديل ٿي ويو ته برداشت نه ڪيو ويندو، احتجاج تي ماڻهو آزاد ٿيڻ لڳا ته جيلون خالي ٿي وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.