ڄامشورو( ڊ ر ) سنڌو درياهه بچايو ڪميٽي جي سڏ تي سنڌ يونائيٽڊ پارٽي طرفان سڪرنڊ کان پارٽي صدر سيد زين شاھ طرفان سنڌو درياء تي وفاق ڌاڙو ھڻي وڌيڪ ڪئنال ٺاھڻ خلاف نڪتل ريلي ڄامشورو پهتي، جتي ايس يو پي ڄامشورو جي اڳواڻن خدا بخش ٿيٻو، پير بخش سھارڻ، باغي جي ايم شورو، شاھنواز خاصخيلي، محمد قمبراڻي، سالار ڀلائي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي جو شاندار استقبال ڪيو ويو، ڄامشورو ۾ ايس يو پي مرڪزي اڳواڻ منير حيدر شاھ، روشن ٻررڙو، امير آزاد پنھور، حافظ بخشل سھڙو، ڄامشورو ضلعي ڪائونسل ميمبر شھنواز برفت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڄامشورو ۾ جلسي جي صورت اختيار ڪري ورتي جيڪا بعد ۾ حيدرآباد رواني ٿي وئي. ڄامشورو ۾ گڏ ٿيل عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي سيد زين شاھ چيو تـ سنڌو ندي اسان جي ماءُ جي ٿڃ برابر آھي ان سنڌو درياهه جي پاڻي تي وفاق ڌاڙو ھڻي ڪئنال ڪڍي سنڌ کي تباھ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو پيو وڃي ان تباھي ۾ وڏو ھٿ پ پ جو آھي اھڙي غلط فيصلي خلاف سنڌ جو عوام اٿي کڙو ٿيو آھي، هن چيو ته مان پ پ کي ووٽ ڪندڙن کان مخاطب آھيان تـ ووٽ اسان کي نـ ڏنو اٿو پر سنڌو درياهه تي ڌاڙو ھڻندڙن۽ سنڌ کي تباھ ڪندڙن خلاف ھو پنھنجن چونڊيل نمائندن کي چون ته ھو اھڙي عمل خلاف آواز اٿارين اھي گونگا آھن تـ توھان اسان سان گڏ بيھون ۽ اسان جي بيداري مارچ جو حصو ٿيو.