تڪراري ڪئنالن ۽ زمينن تي قبضن خلاف سنڌياڻي تحريڪ جو ڪراچي ۾ تاريخي مارچ

ڪراچي (ذوالفقار راڄپر ) سنڌياڻي تحريڪ طرفان سنڌو درياه مان 6 نوان ڪينال ڪڍڻ، ارسا ايڪٽ ترميم، زمينن تي قبضن، عورتن سان ظلمن ۽ انتهاپسندي خلاف  ريگل چوراهي کان ڪراچي  پريس تائين احتجاجي مارچ ڪيو ويو. جنهن ۾ هزارين عورتن، مردن، ٻارڙن، نوجوانن، هارين ، شاعرن، اديبن، دانشورن، وڪيلن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي. مارچ ۾ شامل عورتن، مردن سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ، سنڌ جون زرعي زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ جي حوالي ڪرڻ ۽ ٻين مسئلن خلاف سخت نعريبازي ڪئي مارچ ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران جلسي ۾ تبديل ٿي ويو، جتي پڻ نعرا هنيا ويا ته ”وفاق واضع ڪر اعلان_ ڪينال کپئي يا پاڪستان“”سنڌ جي ٿيندي ريگستان_ڪيئن هلندو پاڪستان“، ”ڳوٺ جي ٿيندا ويران_ ڪيئن هلندو پاڪستان“ جي نعرن سان ڪراچي شهر گونجي اٿيو. مارچ پريس ڪلب پهچي جلسي عام جي شڪل اختيار ڪري ورتي. مارچ جي اڳواڻي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، حورالنساءِ پليجو،مارئي سنڌو، ساجدہ پرهياڙ، پرهه سومرو شمشاد لغاري عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، ايڊووڪيٽ ساجد مهيسر، نور ڪاتيار ، لال جروار، مصطفيٰ چانڊيو، نويد ڪلهوڙو، وڪيل خالد تنيو ۽ ٻين ڪئي. جلسي ۾ تقرير وسند ٿري چيو ته اسٽيبلشمينٽ ملڪ کي 1971ع طرف ڌڪي رهي آهي. سنڌو درياهه سنڌ جي جياپي جو واحد ذريعو آهي. سنڌي قوم پنهنجي هزارين سالا تهذيبي تاريخ جي اهڃاڻ سنڌو درياه جي تحفظ لاءِ آخري دم تائين وڙهندي،ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ منصوبن وسيلي سنڌ جي 13 لک ايڪڙ زمين کسي پئي وڃي. پيپلز پارٽي سرڪار سنڌ دشمنن جي مڪمل طور تي سهڪاري رهي آهي. سنڌ دشمن فيصلن سان پاڪستان جي وفاق کي ڪمزور ڪيو پيو وڃي. عمره سمون چيو ته پيپلز پارٽي سرڪار سنڌ کي عورتن لاءِ مقتل گاهه بنائي ڇڏيو آهي. ڪارو ڪاري ۽ ٻين رسمن وسيلي عورتن جو قتلام روز جو معمول بنيل آهي. پوليس ۽ سردارن جي ڳٺ جوڙ وسيلي جرڳائي نظام عورتن جي زندگي زهر بنائي ڇڏي آهي،هن  وڌيڪ چيو ته سنڌو درياهه سنڌي قوم جو تاريخي ورثو آهي، سنڌو درياهه تي ڪو به ڪٽ برداشت نه ڪبو. ڪينال ۽ ڊيم ٺاهي سنڌ سڪائڻ جي سازش خلاف جدوجهد جاري رهندي،سنڌي عوام پيپلز پارٽي جي مڪر کي سڃاڻي چڪو آهي، ،ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر چيو ته ڌاڙيلن کي سرڪاري سرپرستي ۾ نيٽو جا اسمگل ٿيل هٿيار پهچايا پيا وڃن،ماروي سنڌو چيو ته سنڌ ايپيڪس ڪميٽي جرڳائي نظام کي هٿي ڏني آهي،حورالنساء پليجو چيو ته 6 نون ڪينالن کي ڪالا باغ ڊيم رٿا جيان پيرن هيٺان لتاڙيون ٿا. ستار رند چيو ته سنڌ جي لکين ايڪڙ ڪمانڊ ايريا کي پاڻي نٿو ملي، پنجاب کي نيون زمينون آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ جي حصي جو پاڻي ڏنو پيو وڃي. هن مطالبو ڪيو ته سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.