لاهور (ويب ڊيسڪ) اسحتڪام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ عون چوڌري تحريڪ انصاف تي تنقيد ڪندي پيغام ڏنو ته سياسي ۽ معاشي استحڪام ايندي ئي ملڪ دشمن عنصر ڀڃ ڊاهه جو ماحول پيدا ڪن ٿا، ملڪ ۾ باهه ڏئي سياسي تحريڪون ناهن هلايون وينديون.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته سياسي ۽ معاشي استحڪام اچي ٿو ته ملڪ دشمن عنصر ڀڃ ڊاهه جو ماحول پيدا ڪن ٿا، اسلام آباد ۾ احتجاج جو اعلان ڪندڙ هوش کان ڪم وٺن، ڇا 9 مئي جي ڀڃ ڊاهه ۾ ملوث ماڻهو محب وطن ٿي سگهن ٿا؟
هن بشريٰ بي بي تي تنقيد ڪئي ته جيڪي پردي پٺيان حڪم ڏئي رهيا آهن اهي ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ لاءِ اهو ڪري رهيا آهن، پهريان پنهنجي ٻارن کي اڳتي وٺي اچن پوءِ خيبرپختونخواهه جي عوام کي اڳتي آڻين.
Prev Post
You might also like