خواجا آصف عمران خان کي چئلينج ڏئي ڇڏيو

سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف عمران خان کي چئلينج ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن ان لاءِ ڊو آر ڊاءِ جو مسئلو آهي ته پنهنجا ٻار به احتجاج ۾ وٺي اچي.
پنهنجي بيان ۾ خواجا آصف چيو ته بشريٰ بي بي به پنهنجن ٻارن کي آڻي ۽ کين پهرين قطار ۾ بيهاري ته جيئن عوام کي خبر پوي ته پي ٽي آءِ جي باني جو به ڪجهه داءُ تي لڳل آهي.
هن چيو ته خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور عوام کي ڇڏي ڀڄي ويندو آهي، خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير جي اڳواڻي ۾ پي ٽي آءِ ٻه ڀيرا وفاق تي حملا ڪيا، علي امين گنڊاپور ٻئي ڀيرا ڪارڪنن کي ڇڏي ڀڄي ويو، هاڻي به اچي ڏسي، منهن ڏينداسين.
سندس چوڻ هو ته عمران خان رڳو اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون چاهي ٿو، اسان طرفان ته ڳالهين جي آڇ موجود آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.