ڪراچي کان هڪ ٻيو جهاز روڊ ذريعي حيدرآباد منتقل ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناڪارا جهازن کي سول ايوي ايشن ملازمن جي تربيت لاءِ استعمال ڪرڻ جي سلسلي ۾ هڪ ٻيو جهاز سومر ۽ اڱاري جي وچين رات ڪراچي کان حيدرآباد منتقل ڪيو ويندو.
پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر نعيم عالم ٻئي جهاز جي ڪراچي کان حيدرآباد منتقلي جي فيصلي جي تصديق ڪري ڇڏي.
هن چيو ته جهاز جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ کان حيدرآباد منتقلي لاءِ لاڳاپيل اٿارٽي کان اين او سي ورتو ويو آهي، 60 ٽن وزني جهاز کي ٽرالر ذريعي نيشنل هاءِ وي کان حيدرآباد منتقل ڪيو ويندو، جهاز کي ٻن حصن ۾ منتقل ڪيو ويندو.
واضح رهي ته اهو پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي جي تربيتي اداري ۾ منتقل ٿيندڙ ٻيو جهاز هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.