سرڪاري ملازمن جي پرڏيهين سان شادي تي پابندي جي درخواست، عدالت مان اهم خبر اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي نئين جوڙيل آئيني بئنچ شروعاتي ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندي سرڪاري ملازمن جي پرڏيهي شهرين سان شادين خلاف ۽ عام چونڊون 2024 ري شيڊيول ڪرڻ جون درخواستون خارج ڪري ڇڏيون.
جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 6 رڪني آئيني بئنچ سرڪاري ملازمن جي پرڏيهي شهريت رکندڙن سان شادين خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس محمد علي مظفر، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس مسرت هلالي ۽ جسٽس نعيم اختر افغان بئنچ جو حصو هئا.
جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته اهو پارليامينٽ جو اختيار آهي، عدالت ڪيئن ڪنهن کي روڪي ٿي سگهي.
جسٽس محمد علي مظهر سوال اٿاريو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي، ڇا ڪنهن سرڪاري ملازم کي پرڏيهي سان شادي کان روڪي سگهجي ٿو، جيڪڏهن ڪو قانون موجود آهي ته ٻڌايو.
وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪندڙ درخواستگذار محمود اختر نقوي عدالت کي اپيل ڪئي ته مان سخت بيمار آهيان، مون کي وقت ڏنو وڃي، جنهن تي عدالت درخواست 20 هزار رپيا ڏنڊ سان خارج ڪري ڇڏي.
آئيني بئنچ عام چونڊون ري شيڊيول ڪرڻ جي درخواست تي به ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ موسم جي خرابي سبب چونڊون فيبروري بدران مارچ ۾ ڪرائڻ جي اپيل ڪئي وئي هئي.
ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل چيو ته وڪيل ناهي آيو، ان تي ڳرو ڏنڊ لڳڻ گهرجي.
ايڊيشنل اٽارني جنرل دليل ڏنا ته چونڊون ٿي چڪيون آهن، تنهن ڪري اها درخواست غير اثرائتي ٿي چڪي آهي.
پوءِ عدالت درخواست غير اثرائتي هجڻ تي خارج ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.