ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو آهي ته اسان ارسا ايڪٽ ۾ ترميم کي رد ڪري ڇڏيو آهي، صوبي جي پاڻي تي پنهنجي جان به ڏينداسين.
بلاول هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نثار کهڙي چيو ته آبي معاهدي جي 1994 کان ڀڃڪڙي شروع ڪئي وئي، سنڌ جو مطالبو آهي ته ڪوٽڙي کان هيٺ وهندڙ پاڻي طئي ڪري ڏنو وڃي.
هن چيو ته ڪنسلٽنٽ ويهارينداسين، اهي طئي ڪندا ته ڪيترو پاڻي ڏيڻ گهرجي پر اڃا تائين اسان جي ڳالهه ناهي ٻڌي وئي.
سندس چوڻ هو ته پ پ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ٻه وڌيڪ ڪينال ٺهندا ته سنڌ لاءِ پاڻي نه بچندو، جڏهن درياهه ۾ پاڻي ئي ناهي ته ڪينال ڪيئن ٺهندا.
نثار کهڙي چيو واضح طور اعلان ڪيان ٿو ته اهو منصوبو اسان کي منظور ناهي، پاڻي تي پنهنجي جان به ڏينداسين، ڪينال ٺاهڻ جو منصوبو ڪنهن به ريت قبول نه هوندو، منصوبا هڪ طرفا نه هجڻ گهرجن.
Prev Post
You might also like