لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ چيمپيئنز ٽرافي لاءِ هائبرڊ ماڊل قبول نه ڪرڻ جي پنهنجي موقف تي سختي سان قائم آهي.
ذريعن موجب چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ڀارت جي پاڪستان اچڻ کان انڪار ۽ ان کانپوءِ ڀارتي ميڊيا طرفان هائبرڊ ماڊل جي ڳالهين باوجود پاڪستاني اختياريون هائبرڊ ماڊل قبول نه ڪرڻ جي موقف تي سختي سان قائم آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ان حوالي سان پاڪستان سڀني اسٽيڪ هولڊرن کي پنهنجو موقف پهچائي ڇڏيو آهي، پاڪستان جي سخت موقف انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جون پريشانيون وڌائي ڇڏيون آهن.
ذريعن موجب مالي معاملن ۾ نقصان جي انديشي سبب آءِ سي سي بحراني صورتحال کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ تازي ڊيڊ لاڪ سبب چيمپيئنز ٽرافي جي شيڊيول جو اعلان ناهي ڪيو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ سي سي 100 ڊيز ٽو گو جي موقعي تي چيمپيئنز ٽرافي جي شيڊيول جو اعلان ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو آهي، آءِ سي سي کي ايونٽ کان 90 ڏينهن اڳ هر صورت ۾ شيڊيول جو اعلان ڪرڻو آهي، 20 نومبر تائين اعلان نه ڪرڻ جي صورت ۾ آءِ سي سي قانوني ڪارروائي کي منهن ڏئي سگهي ٿي.
ذريعن موجب ڪمرشل پارٽنرز کي ايونٽ کان اڳ گهٽ ۾ گهٽ ايترو وقت گهربل هوندو آهي ۽ کين شيڊيول موجب پنهنجي مارڪيٽنگ ڪرڻي هوندي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ سي سي لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت بنا ٽورنامينٽ ڪرائڻ ممڪن ناهي ۽ ائين ڪيو ويو ته آءِ سي سي کي سخت مالي نقصان ٿيندو، جڏهن ته پاڪستان مان جيڪڏهن ايونٽ شفٽ ڪيو ويو ته پاڪستان قانوني ڪارروائي جو حق استعمال ڪندو.
چيمپيئنز ٽرافي: ڀارتي انڪار تي پاڪستان جي سخت موقف آءِ سي سي کي پريشان ڪري ڇڏيو
Prev Post
You might also like