طلاق کانپوءِ مايوس همراهه گاڏي جو ٽڪر هڻي 35 ڄڻن کي ماري ڇڏيو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ۾ تيز رفتار گاڏي ڪيترن ئي ماڻهن کي چيڀاٽي ڇڏيو، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 35 ڄڻا فوت ۽ 43 زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي ميڊيا موجب واقعو چين جي ڏکڻ صوبي گوانگڊونگ جي شهر زوهائي ۾ پيش آيو.
چيني پوليس 62 ورهين جي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن حادثي کانپوءِ ڇرين جا وار ڪري پاڻ کي زخمي ڪري ڇڏيو هو.
پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي ڊرائيور کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، شروعاتي جاچ موجب ڊرائيور طلاق کانپوءِ مايوس هو.
چيني صدر شي جن پنگ زخمين جي علاج لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي جوابدار لاءِ سخت ترين سزا جو مطالبو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.