لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت سموگ جي تدارڪ لاءِ تيار ڪيل پاليسي لاهور هاءِ ڪورٽ سامهون پيش ڪري ڇڏي، ايڊووڪيٽ جنرل ٻڌايو ته ايندڙ سال کان شهرين کي پابند ڪنداسين ته اهي آڪٽوبر کان ڊسمبر تائين شاديون نه ڪن.
ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌايو ته سموگ جي تدارڪ لاءِ پاليسي تيار ڪئي وئي آهي، پهريون ڀيرو بجيٽ به رکي وئي آهي، ايندڙ سال کان شهرين کي پابند ڪنداسين ته اهي آڪٽوبر کان ڊسمبر تائين شاديون نه ڪن.
عدالت ريمارڪس ڏنا ته هن حڪومت اڳوڻين حڪومتن کان وڌيڪ سٺا ڪم ڪيا آهن، باقي ضلعن ۾ به عملدرآمد ڪرايو، آبادگارن ۾ سپر سيڊر ورهائڻ حڪومت جو سٺو قدم آهي.
عدالت ريمارڪس ڏنا ته سڄي دنيا ۾ دڪان شام 5 وڳي بند ٿيندا آهن پر هتي رواج آهي ته صبح جو نڪرندا آهيون ۽ رات تائين گهمندا آهيون، حڪومت چاهي ته ون ڊش سان اها پابندي به لاڳو ڪري سگهجي ٿي، شادين تي 3 بدران رڳو هڪ فنڪشن ٿيندو.
پوءِ درخواست تي ٻڌڻي 15 نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي.
You might also like