”ڀارت پاڪستان نه اچڻ جو لکت ۾ جواز پيش ڪري“ پي سي بي جو آءِ سي سي کي خط

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ڀارت جي پاڪستان اچڻ کان انڪار بعد انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل کي خط لکي ڇڏيو.
ذريعن موجب، پي سي بي چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني واري معاملي تي آءِ سي سي کي خط لکيو جنهن ۾ ڪرڪيٽ بورڊ، ڀارت جي پاڪستان اچڻ کان انڪار جا سبب طلب ڪيا آهن.
پي سي بي پنهنجي خط ۾ آءِ سي سي کان مطالبو ڪيو آهي ته ڀارتي بورڊ پاڪستان اچڻ کان انڪار جو لکت ۾ جواز پيش ڪري.
خط جي متن موجب، پي سي بي، آءِ سي سي کي چيمپيئنز ٽرافي پاڪستان ۾ ڪرائڻ تي ئي زور ڏيندي حڪومت موقف کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ زباني آءِ سي سي کي ٻڌايو هو ته هو ٽيم پاڪستان نه موڪليندو جنهن کانپوءِ آءِ سي سي، پي سي بي کي ڀارت جي پاڪستان نه اچڻ بابت آگاهه ڪيو هو.
ٻئي پاسي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پنهنجي ٽيم نه موڪلڻ جي بي سي سي آءِ جي فيصلي تي سخت موقف اختيار ڪندي مائنس ڀارت فارمولي تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.
هوڏانهن ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان هائبرڊ ماڊل کان انڪار تي آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ڏکڻ آفريڪا منتقل ڪئي ويندي.
واضح رهي ته آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ايندڙ سال 19 فيبروري کان 9 مارچ تائين پاڪستان ۾ شيڊيول آهي جنهن ۾ اٺ ٽيمون شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.