ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن تي ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته معصوم شهرين کي نشانو بڻائيندڙ انسان جي شڪل ۾ وحشي آهن.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن تي ڌماڪي جي مذمت ڪندي معصوم شهرين جي مارجڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڌماڪي جي زخمين جي بهتر علاج کي يقيني بڻايو وڃي، هو دهشتگرداڻي ڌماڪي ۾ پنهنجي پيارن کي وڃائيندڙ خاندانن سان ڏک جي گهڙي ۾ برابر جا شريڪ آهن.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته معصوم شهرين کي نشانو بڻائيندڙ انسان جي شڪل ۾ وحشي آهن، دهشتگرد ڪنهن به رعايت جا حقدار ناهن، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي جي جنگ بابت پ پ جو موقف قوم جو آواز آهي، دهشتگردن ۽ سندن مددگارن جي خاتمي لاءِ کنيل قدمن جي حمايت ڪن ٿا.
Prev Post
You might also like