اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته ڪو به سياسي ليڊر يا سياسي پارٽي پاڪستان کان مٿي ناهي.
شاعر مشرق جي جنم ڏهاڙي تي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ لاهور ۾ علامه اقبال جي مزار تي حاضري ڀري فاتحه خواني ڪئي.
مزار اقبال ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عطا تارڙ چيو ته اڄ علامه اقبال جي فڪر تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي، اقبال جي شاعري مسلمانن کي متحد ڪرڻ جو هڪ ذريعو آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪو سياسي ليڊر يا سياسي پارٽي پاڪستان کان مٿي ناهي، ڪجهه شيون سياست ۽ سياسي معاملن کان مٿانهون هئڻ گهرجن، هنن سمورين سياسي پارٽين سان وڏي دل جو مظاهرو ڪيو آهي.
You might also like