ممبئي (ويب ڊيسڪ ) ڀارتي گينگسٽر لارنس بشنوئي هڪ ڀيرو ٻيهر بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان جي نالي پيغام جاري ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ممبئي ٽريفڪ ڪنٽرول روم خميس ۽ جمعي واري رات ڌمڪي جوڳو پيغام مليو آهي.
پيغام ۾ هڪ گيت جو حوالو ڏنو ويو هو، گيت ۾ مبينا طور سلمان خان ۽ گينگسٽر لارنس بشنوئي ٻنهي جو نالو ورتو ويو هو.
ميڊيا رپورٽس موجب، پيغام ۾ گانو لکندڙ کي ڌمڪي ڏني وئي ته هڪ مهيني جي اندر کيس سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا.
پيغام ڄاڻايو ويو آهي ته ” گيت لکڻ واري جو اهڙو حشر ڪيو ويندو جو هو وري لکي سگهندو، جيڪڏهن سلمان خان ۾ همت آهي ته کيس بچائي ڏيکاري.“
سلمان خان سان لارنس بشنوئي جو تڪرار ڪڏهن شروع ٿيو؟
بشنوئي برادري ۾ ڪاري هرڻ کي هڪ مقدس سمجهيو ويندو آهي.
بشنوئي ۽ سلمان خان وچ ۾ تڪرار ان وقت شروع ٿيو جڏهن سال 1998ع ۾ سلمان خان ساٿي اداڪار سيف علي خان، تبو، سونالي ۽ نيلم سان گڏ فلم ” هم ساٿ ساٿ هين “ جي شوٽنگ لاءِ راجسٿان جي شهر جوڌپور ۾ موجود هئا.
سال 2018ع ۾ جوڌپور جي عدالت ڪاري هرڻ واري ڪيس ۾ سلمان خان کي پنج سال قيد جي سزا ٻڌائي، بعد ۾ کيس ضمانت تي آزاد ڪيو ويو، پر ان کانپوءِ بشنوئي برادري دبنگ اسٽار جي جاني دشمن بڻجي وئي.
هلندڙ سال 14 اپريل جي صبح جو ٻن موٽر سائيڪل سوارن ممبئي ۾ سلمان خان جي اپارٽمينٽ ٻاهران فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا هئا.
ان کانپوءِ پوليس واقعي ۾ ملوث چئن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، شروعاتي جاچ دوران جوابدارن جو واسطو لارنس بشنوئي گينگ سان ڄاڻايو ويو هو.
گينگسٽر بشنوئي جي ڀاءَ انمول بشنوئي سلمان خان جي گهر تي فائرنگ جي واقعي جي ذميواري قبول ڪئي هئي.
13 آڪٽوبر تي گينگ جي هڪ ميمبر فيسبڪ پوسٽ ذريعي بابا صديقي جي قتل جي ذميواري قبول ڪئي.
فيسبڪ پوسٽ ۾ لکيو ويو ته گينگ بابا صديقي کي اداڪار سلمان خان ۽ دائود ابراهيم سان مبينا رابطن سبب نشانو بڻايو.
پوسٽ ۾ سلمان خان جي گهر جي ٻاهران فائرنگ ۾ هڪ جوابدار انوج ٿاپن جو به ذڪر ڪيو ويو هو.
ياد رهي ته لارنس بشنوئي جو ڳاڻيٽو ڀارت جي وڏن گينگسٽرز ۾ ٿيندو آهي ۽ هو هن وقت تهاڙ جيل ۾ قيد آهي.
مشهور پنجابي راڳي سڌو موسي والا جي قتل جي ذميواري به لارنس بشنوئي گينگ جي هڪ رڪن قبول ڪئي هئي.