”ملڪ جون حالتون ٽرمپ يا مسڪ کي نه پر پاڪستانين کي ٺيڪ ڪرڻيون آهن“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ملڪ جون حالتون ٽرمپ يا ايلون مسڪ کي نه پر پاڪستانين کي ٺيڪ ڪرڻيون آهن.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته حڪومت جي نظر ۾ هر سياسي ماڻهو دهشتگرد آهي، باني اڊيالا ۾ آهي پر پاڪستان جيل بڻيل آهي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ جي آزادي جو سفر شروع ٿيڻ گهرجي، سٺي ڳالهه آهي ته عالمي برادري پاڪستانين جي قيد جو نوٽيس وٺي رهي آهي، پي ٽي آءِ باني جي سياسي حيثيت کي تسليم ڪرڻو پوندو.
سندس چوڻ هو ته ٽرمپ کي اڊيالا جو در ناهي کولڻو پر هو بنيادي حقن جو نوٽيس وٺندو، ملڪ جون حالتون ٽرمپ يا ايلون مسڪ کي نه پر پاڪستانين کي ٺيڪ ڪرڻيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.