اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ پوليو جو هڪ ٻيو ڪيس سامهون اچي ويو، جنهن کانپوءِ مجموعي انگ 47 ٿي ويو آهي.
پوليو جو نئون ڪيس گهوٽڪي ضلعي ۾ رپورٽ ٿيو، اختيارين موجب هلندڙ سال اسلام آباد ۾ پوليو جو هڪ، پنجاب ۾ هڪ، خيبر پختونخواهه ۾ 9، سنڌ ۾ 13 ۽ بلوچستان ۾ 23 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن.