ڪابل (ويب ڊيسڪ ) افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائوندڙ محمد نبي هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
افغان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف ايگزيڪٽيو نصيب خان موجب، محمد نبي ايندڙ سال پاڪستان ۾ شيڊيول چيمپيئنز ٽرافي کانپوءِ ون ڊي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ وٺندو ۽ پنهنجي فيصلي بابت هن بورڊ کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
چيف ايگزيڪٽيو موجب، ڪيئي مهينا اڳ محمد نبي پنهنجي رٽائرمينٽ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي جنهن ۾ هن آگاهه ڪيو هو ته هو چيمپيئنز ٽرافيءَ کانپوءِ هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ کي الوداع چوندو.
نصيب خان چيو ته هو محمد نبيءَ جي فيصلي کي ڀليڪار ڪن ٿا، هو مختصر فارميٽ ۾ افغانستان جي نمائندگي ڪندو رهندو.
واضح رهي ته محمد نبي 2009ع ۾ افغانستان لاءِ ڊيبيو ڪيو هو، محمد نبي 2019ع ۾ ڊگهي فارميٽ واري ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو.
You might also like