آسٽريليا جي اڳوڻي ڪپتان رڪي پونٽنگ بابراعظم کي فارم ۾ واپس اچڻ لاءِ ويرات ڪوهلي وارو طريقو اختيار ڪرڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو.
آءِ سي سي ريويو ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي رڪي پونٽنگ چيو ته بابر کي اهڙو رستو ڪڍڻ گهرجي، جنهن سان فارم ۾ واپس اچي ٽيسٽ ٽيم ۾ جاءِ ٺاهي سگهي.
هن چيو ته بابر کي فارم جي بحالي لاءِ ويرات ڪوهلي وارو طريقو اختيار پوندو، جڏهن ويرات پنهنجي فارم ۾ واپسي لاءِ ڪرڪيٽ کان بريڪ ورتو هو، بابر کي به ٿوري وقت لاءِ وقفو ڪرڻ گهرجي.
پاڪستان ٽيم جي ڪپتان جي تبديلي تي ڳالهائيندي رڪي پونٽنگ چيو ته پي سي بي لڳاتار ڪپتان تبديل پئي ڪري، شاهين، پوءِ بابر ۽ هاڻي رضوان ڪپتان آهي، وائيٽ بال ڪرڪيٽ ۾ تمام گهڻيون تبديليون ڏسڻ ۾ آيون آهن، توهان کي اهڙي قسم جي عدم استحڪام مان نڪرڻ گهرجي.
You might also like