کير اهڙا غذا آهي، جيڪو ٻار توڙي مرد پيئندا آهن، ڊاڪٽر به ٻارن توڙي وڏن کي کير پيئڻ جو مشورو ڏيندا آهن.
پر ڇا کير پيئڻ سان وزن وڌندو آهي؟
کير ۾ ڪيلشيم، وٽامن بي 2، فاسفورس، پوٽاشيم ۽ ڪيلوريز پڻ هونديون آهن، جنهن سان اهو وزن ۾ واڌ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
ماهرن موجب کير ڪيترين ئي غذائن جو هڪ اهم حصو آهي ۽ ان جي وڌيڪ استعمال سان وزن وڌي سگهي ٿو.
کير جي هڪ ڪوپ ۾ تقريبن 11 کان 12 گرامز ڪاربوهائڊريٽس هوندا آهن، جڏهن ته ڪيلوريز جو انگ کير جي قسمن موجب هوندو آهي.
کير سان ٺهيل شين ۽ ان سان گڏ مٺي جو استعمال وزن وڌائي سگهي ٿو.
جيڪڏهن توهان وزن نٿا وڌائڻ چاهيو ته لو فيٽ کير جي چونڊ ڪيو ۽ ان کي بنا کنڊ جي پيئو.
Prev Post
You might also like