وزيراعظم جي ايران تي اسرائيلي حملي جي مذمت، ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو عزم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سان ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ وزيراعظم غزا ۾ جنگبندي ۽ انساني امداد جي فراهمي تي زور ڏنو.
شهباز شريف 26 آڪٽوبر تي ايران تي اسرائيلي حملي جي مذمت ڪندي ايران جي خود مختياري ۽ علائقائي سلامتي جي حمايت جي عزم جو اظهار ڪيو.
هن ايراني سپريم ليڊر ۽ صدر لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي پاڪ ايران ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو.
ٻنهي اڳواڻن وچ اوڀر جي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون، ايراني پرڏيهي وزير پاڪستان جي اصولي موقف تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.
وزيراعظم فلسطيني عوام جي حقن ۽ جدوجهد جي حمايت ۽ غزا ۾ جاري اسرائيلي نسل ڪشي جي مذمت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.