ٽرين ۾ منشيات سمگلنگ جي ڪوشش ناڪام، 46 ڪلو کان وڌيڪ چرس هٿ

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ريلوي پوليس راولپنڊي اسٽيشن تي ڪارروائي ڪري لکين رپين جي منشيات اندروني ملڪ سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.
ريلوي پوليس 46 ڪلو کان وڌيڪ چرس برآمد ڪري ٻن عورتن سميت 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
ريلوي پوليس ترجمان موجب گرفتار جوابدار ٽرين ذريعي منشيات ڪراچي سمگل ڪري رهيا هئا، راولپنڊي اسٽيشن تي تلاشي دوران جوابدار عزت الله ۽ بلال جي ٿيلهي مان 30 ڪلو چرس برآمد ٿيو، جڏهن ته روشين ۽ اديبه جي هينڊ بيگ مان 16 ڪلو چرس هٿ ڪيو ويو.
جوابدارن خلاف ريلوي پوليس ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.