اعظم سواتي آزادي کانپوءِ ٻيهر گرفتاري، ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ اعظم سواتي کي جيل مان آزاد ٿيڻ بعد ٻيهر گرفتار ڪيو ويو.
اڳوڻي وفاقي وزير کي اٽڪ جيل مان آزاد ٿيڻ سان ئي پوليس گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب ٽيڪسلا ۽ حسن ابدال ٿاڻن ۾ اڳوڻي وزير ۽ ٻين اڳواڻن خلاف ڪيس داخل آهن، تنهن کانپوءِ کيس راولپنڊي جي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويو، جتي پوليس 14 ڏينهن جسماني ريمانڊ جي درخواست ڪئي.
عدالت درخواست رد ڪندي ٻن ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪيو ۽ کيس 7 نومبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
راولپنڊي اي ٽي سي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اعظم سواتي چيو ته ملڪ ۾ قانون جي ڪا حڪمراني ناهي، قانون هجي ها ته مون کي هٿڪڙي نه لڳي ها.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.