اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا حج پاليسي 2025 جي منظوري ڏئي ڇڏي.
حج پاليسي جي تفصيل ۾ ٻڌايو ويو ته ايندڙ سال هڪ لک 79 هزار 210 پانڌيئڙا حج جي سعادت ماڻي سگهندا.
حج ڪوٽا گورنمينٽ اسڪيم ۽ پرائيويٽ حج اسڪيم ۾ 50 سيڪڙو ورهايل هوندي، سرڪاري حج پيڪيج 10 لک 65 هزار کان 10 لک 75 هزار تائين هوندو.
ڪابينا جي منظوري کانپوءِ حج درخواستون وٺڻ جو شيڊيول جاري ٿيندو، بينڪن جي چونڊ لاءِ خواهشمند بينڪن کان 25 آڪٽوبر تي گهرجون طلب ڪيون وينديون.
وفاقي ڪابينا ڊرافٽ مذهبي معاملن واري وزارت کي موڪليندي، جنهن کانپوءِ حج پاليسي جو باقاعده اعلان ڪيو ويندو.
Prev Post
You might also like