توانائي بابت جلد خوشخبري ڏينداسين: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سياري ۾ هڪ پيڪيج آڻي رهيا آهيون، توانائي بابت جلد خوشخبري ڏينداسين.
وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته وياج جي شرح ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي، معيشت سٺي نموني اڳتي وڌندي، اهي ئي قومون اڳتي وڌنديون آهن جيڪي سندرا ٻڌنديون آهن.
هن چيو ته پاڪستان جو وفد سعودي عرب روانو ٿي ويو آهي، پاڪستان جو وفد آءِ ٽي، معدنيات ۽ توانائي جي شعبي تي ڳالهائيندو، مان سعودي عرب جو دورو ڪيو هو ۽ محمد بن سلمان سان ڳالهيون ٿيون، جنهن ۾ هن پاڪستان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.