نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فوج کي سوشل ميڊيا مواد جي سڌي ريت نگراني جو اختيار ملي ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب فوج کي سوشل ميڊيا مواد جي سڌي ريت نگراني جو اختيار ملي ويو آهي ۽ فوج هاڻ سوشل ميڊيا مواد کي هٽائڻ لاءِ سڌي ريت نوٽيس جاري ڪري سگهندي.
رپورٽ موجب ڀارتي بچاءَ واري وزارت ان حوالي سان هڪ سينيئر آفيسر کي انچارج مقرر ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان سينيئر آفيسر کي اختيار ڏنو ويو آهي ته هو سوشل ميڊيا پليٽ فارمز کي ڀارتي فوج خلاف مواد هٽائڻ جون درخواستون جاري ڪري سگهي.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ان کان اڳ ڀارتي فوج مواد هٽائڻ يا بلاڪ ڪرائڻ لاءِ اليڪٽرانڪس ۽ آءِ ٽي وزارتي ڀاڙيندي هئي.
You might also like