بيروت (ويب ڊيسڪ) لبنان جي مزاحمتي تنظيم حزب الله اسرائيل جي چئن فوجي اڏن ۽ هڪ ملٽري ڪمپني کي نشانو بڻائي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب حزب الله دعويٰ ڪئي آهي ته ان دشمن جي 4 فوجي اڏن ۽ هڪ ملٽري ڪمپني تي ڊرون حملو ڪيو آهي.
حزب الله ٻڌايو ته ان جي ڊرونز اسرائيل جي رامات ڊيوڊ ايئربيس ۽ حيفا جي فوجي اڏي سان گڏوگڏ تل ابيب ڀرسان ملٽري انٽيليجنس يونٽ 8200 جي گليلوٽ بيس تي به حملو ڪيو.
مزاحمتي تنظيم موجب ان والاريل شهر ايڪڙ جي اتر ۾ شراگا بيس کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو، جڏهن ته حيفا شهر جي اتر اوڀر ۾ مسگائو بيس سان گڏ الٽا ملٽري انڊسٽريز ڪمپني کي نشانو بڻايو ويو.
اسرائيل طرفان حزب الله جي دعويٰ تي اڃا تائين ڪو بيان جاري ناهي ڪيو ويو.
Prev Post