آسٽريليا خلاف سيريز، حسنين جي پليئنگ اليون ۾ شموليت جو امڪان

ميلبورن ( ويب ڊيسڪ ) قومي فاسٽ بالر محمد حسينن کي آسٽريليا خلاف ون ڊي سيريز ۾ پليئنگ اليون ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم اڄڪلهه آسٽريليا جي دوري تي ميلبورن ۾ ٽريننگ سيشن ۾ مصروف آهي، جتي رانديگرن فزيڪل ۽ فيلڊنگ ڊرلز کانپوءِ نيٽ تي ڀرپور پريڪٽس ڪئي.
فاسٽ بالر شاهين آفريدي، حارث رئوف، عامر جمال به نيٽ تي بالنگ ڪندي نظر آيا.
قومي سليڪٽر اسد شفيق ڪوچ جيسن گليسپي ۽ ڪپتان محمد رضوان سان تفصيلي مشاورت ڪئي، اسد شفيق، بابر اعظم ۽ ٻين رانديگرن سان به مليو.
ذريعن موجب، چيمپيئنز ون ڊي ڪپ ۾ شاندار ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندڙ محمد حسنين جي ٽيم ۾ واپسي ٿي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته فاسٽ بالر جي فارم کي نظر ۾ رکندي کيس پهرين ون ڊي ميچ جي پليئنگ اليون ۾ شامل ڪرڻ جو چٽو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.