اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي سان خط لکندڙ اسلام آباد ڪورٽ جي ڇهن ججن ملاقات ڪئي آهي.
ذريعن موجب، چيف جسٽس حلف برداري کانپوءِ هاءِ ڪورٽس جي ايڊمنسٽريٽو ججن سان به ملاقات ڪئي هئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس سان مداخلت جو خط لکندڙ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڇهن ججن حلف کڻڻ جي ٻئي ڏينهن ملاقات ڪئي.
ياد رهي ته 26 مارچ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڇهن ججن سپريم جڊيشل ڪائونسل کي خط لکيو هو جنهن ۾ عدليا ۾ ڳجهن ادارن جي مداخلت جو الزام لڳايو هو، ججن ان معاملي تي سپريم جڊيشل ڪائونسل کان رهنمائي طلب ڪئي هئي.
وفاقي حڪومت طرفان معاملي جي جاچ لاءِ جسٽس رٽائرڊ تصدق حسين جيلاني جي سربراهيءَ ۾ جاچ ڪميشن جوڙي وئي هئي، پر جسٽس (ر) تصدق حسين جيلاني ڪميشن جي سربراهيءَ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.
چيف جسٽس سان ڳجهن ادارن پاران عدالتي معاملن ۾ مداخلت بابت خط لکندڙ 6 ججن جي ملاقات
You might also like