اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري جي پير ۾ فريڪچر ٿي ويو.
ايوان صدر موجب آصف زرداري دبئي ايئرپورٽ تي جهاز مان لهي رهيو هو ته سندس پير ۾ فريڪچر تي ويو، کيس فوري طور طبي امداد لاءِ اسپتال نيو ويو.
ايوان صدر طرفان ٻڌايو ويو ته ڊاڪٽرن چيڪ اپ کانپوءِ اسپتال ۾ صدر آصف علي زرداري جي پير جو پلستر ڪيو آهي، پير تي پلستر 4 هفتن لاءِ ڪيو ويو آهي.
ايوان صدر موجب آصف زرداري گهر منتقل ٿي ويو آهي ۽ ڊاڪٽرن کيس مڪمل آرام جو مشورو ڏنو آهي.
Next Post
You might also like